اسلام آبادپاڪستان

پ پ طرفان 8 آگسٽ تي اسيمبليون ٽوڙڻ جي تجويز،اهم چونڊ سڌارا آڻينداسين:حڪومت

اسلام آباد :پاڪستان پيپلز پارٽي 8 آگسٽ تي سموريون اسيمبليون ٽوڙڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي. جڏهن ته حڪومت عام چونڊن کان اڳ اهم چونڊ سڌارا آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه واپار واري وفاقي وزير نويد قمر صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پ پ حڪومت کي 8 آگسٽ تي سموريون اسيمبليون ٽوڙڻ جي تجويز ڏني آهي. اسيمبليون ٽوڙڻ جو فيصلو وفاقي حڪومت کي ڪرڻو آهي، پ پ چونڊن کان اڳ چونڊ سڌارا چاهي ٿي. سندس چوڻ هو ته موجوده سيٽ اپ ۾ وڌيڪ واڌ جي حمايت نٿا ڪيون، نگران سيٽ اپ ڪنهن صورت ۾ آئيني مدي کان اڳتي نه وڃڻ گهرجي. موجوده اسيمبلي ۾ واڌ تي قانون سازي تي اصولي موقف کان پوئتي نه هٽنداسين. نويد قمر چيو ته چونڊ سڌارن تي سياسي جماعتن ۾ اتفاق راءِ ضروري آهي، چونڊ سڌارن ۾ آر ٽي ايس جهڙا معاملا اهم آهن.ٻئي طرف وفاقي حڪومت عام چونڊن کان اڳ اهم چونڊ سڌارا آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ 73 ترميمون اليڪشن ريفارمز ڪميٽي کي پيش ڪيون ويون آهن. پارليامينٽ جي چونڊ سڌارن واري ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ 73 ترميمون پارلياماني ڪميٽي آڏو پيش ڪيون ويون. پارلياماني ڪميٽي سياسي پارٽين پاران چونڊ سڌارن جي ترميمن جو شروعاتي جائزو مڪمل ڪري ورتو. پي ٽي آءِ پارلياماني چونڊ سڌارن واري ڪميٽي جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. اجلاس ۾ پارلياماني معاملن واري وزارت، قانون ۽ انصاف واري وزارت ۽ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن چونڊ سڌارن ۾ تجويز ڪيل ترميمن تي ڪميٽي کي پنهنجي راءِ ڏني ۽ چونڊ سڌارن کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجي موقف کان آگاهه ڪيو، پر 73 مان 70 ترميمن تي ابتدائي مشاورت مڪمل ڪئي وئي آهي. سياسي پارٽين پاران چونڊ نتيجن ۾ دير تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته دير سان آيل نتيجن کي قبول نه ڪيو ويندو. ذريعن موجب چونڊ سڌارن واري ڪميٽي ۾ پرزائيڊنگ آفيسر کي نتيجا حتمي شڪل ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. جنهن وقت نتيجن جي دير ٿيڻ تي پرزائيڊنگ آفيسر کان جواب طلب ڪيو ويندو، پرزائيڊنگ آفيسر چونڊ نتيجن جي دير جو ٺوس سبب ڏيڻ جو پابند هوندو. ذريعن موجب تجويز ڪيل چونڊ سڌارن موجب رٽرننگ آفيسر ماتحت پرزائيڊنگ آفيسرن کي جديد ڪميونيڪيشن ڊيوائسز جي فراهمي کي يقيني بڻائيندو، پرزائيڊنگ آفيسر پابند هوندو ته هو پنهنجي صحيح ڪيل مڪمل نتيجن جي تصوير ريٽرننگ آفيسر کي فراهم ڪري. پرزائيڊنگ آفيسر کي تيز رفتار انٽرنيٽ ۽ سمارٽ فون فراهم ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي ته جن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي سهولت نه هوندي، اتي نگران حڪومت متبادل سهولتون فراهم ڪرڻ جي پابند هوندي جنهن سان نتيجا جلد پهچائڻ ۾ مدد ملندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button