اسلام آبادپاڪستان

ملڪ ۾ چونڊون 8 نومبر تي يا ان کان اڳ ٿينديون:خرم دستگير

اسلام آباد :توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ چونڊون 8 نومبر تي يا ان کان اڳ ٿينديون، نواز شريف ن ليگ جي چونڊ مهم جي اڳواڻي ڪندو. ڪالهه هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير خرم دستگير چيو ته اسان جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو قانون سازي ذريعي ڪيو آهي. اسان جي ڳچي پڪڙي وئي پر هاڻي بهار جو مستقبل روشن ٿي ويو آهي. چونڊن بابت پڇڻ تي خرم دستگير چيو ته چونڊون نومبر ۾ ٿينديون، نواز شريف ن ليگ جي چونڊ مهم جي اڳواڻي ڪندو. مهانگائي جي حوالي سان هن چيو ته مهانگائي تي به ضابطو اچڻ شروع ٿي ويو آهي، مهانگائي ۾ واڌ جي شرح گهٽ ٿي وئي آهي، هاڻ رياست جا معاملا جادوءَ سان نٿا هلي سگهن، پرڏيهي پاليسي کي به صحيح رستي تي هلڻو پوندو. ٻئي طرف وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته موجوده اسيمبلي جو مدو وڌيڪ نه وڌايو ويندو، موجوده اسيمبلي وقت اچڻ تي ٽوڙي ويندي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته چونڊ سڌارن ۾ قانون ۽ انصاف، پارلياماني معاملا، اليڪشن ڪميشن شامل آهن، اليڪشن ايڪٽ ۾ ڪيتريون ئي ترميمون ڪيون پيون وڃن، ان جو واحد مقصد آزاد ۽ منصفاڻي چونڊون ڪرائڻ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button