اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

نيپرا بجلي 4 رپيا 96 پئسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي

اسلام آباد :نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا)مهانگائي جي ماريل ماڻهن لا بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ 4 رپيا 96 پئسا في يونٽ واڌ ڪري ڇڏي آهي. پڌرائي موجب بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ واڌ سان بيسڪ ٽيرف في يونٽ 29 رپيا 78 پئسا ٿي ويندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته 24-2023ع لاءِ بجلي جو بنيادي ٽيرف مقرر ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ بجلي جو بنيادي ٽيرف 24 رپيا 82 پيسا هو. نيپرا موجب بجلي جي بيسڪ ٽيرف ۾ واڌ جو سبب رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي، بجلي جي وڪري ۾ گهٽتائي ۽ ڪيپسٽي جي ادائيگي بنيادي ٽيرف ۾ واڌ جا سبب آهن. نيپرا جو چوڻ آهي ته بجلي جي تقسيم ڪندڙ ڪمپنين جي آمدني 3281 ارب رپيا ٿيڻ جو امڪان آهي. نيپرا بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف حڪومت طرفان بنيادي ٽيرف ۾ واڌ کانپوءِ بجلي جو في يونٽ سراسري طور پنجاهه رپيا مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي. هن وقت سڄي ملڪ ۾ بجلي جو بنيادي اگهه 24 رپيا 82 پئسا آهي. گذريل مالي سال ۾ بجلي جو بنيادي اگهه 16 رپيا 91 پئسا مان وڌائي 24 رپيا 82 پئسا ڪيو ويو هو. بنيادي ٽيرف سميت ملڪ ۾ هن وقت بجلي جو هڪ يونٽ سراسري 45 رپيا آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button