پاڪستانسنڌ

ڊرائيونگ دوران ننڊ اچڻ تي ڊرائيورن کي جاڳائڻ وارو چشمو تيار

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم واسي 6 درجي جي شاگردياڻي گروپ سان گڏجي ننڊ اچڻ تي ڊرائيورن کي جاڳائڻ وارو منفرد چشمو تيار ڪري ورتو. ملڪ ۽ خاص طور اباڻي شھر ٽنڊوآدم جو نالو روشن ڪندڙ ڳوٺ ملا مکڻ سان تعلق رکندڙ 6 درجي جي شاگردياڻي 13 ورهين ڪلاس جي بسما مصطفى سولنگي دنيا جي سائنس جي وڏي اداري ناسا پاران ڏنل پروجيڪٽ ۾ هڪ اھڙو چشمو تيار ڪيو آھي، جيڪو ڊرائيونگ دوران ننڊ اچڻ تي انسان کي جاڳائي ٿو ڇڏي. بسما مصطفى سولنگي پنھنجي گروپ سان گڏ آمريڪا لا اڄ رواني ٿيندي، جتي پروجيڪٽ تي وڌيڪ ڪم ڪيو ويندو. والدين جو چوڻ آھي ته اسان کي پنهنجي ڌي تي فخر آھي، جنهن پنهنجي ملڪ ۽ والدين جو نالو روشن ڪيو، اسان کي گهرجي ته پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ سان گڏ کين همٿايون ته جيئن اهي سائنس سميت مختلف شعبن ۾ نمايان ڪم ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button