پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ وڏيري ۽ پوليس جي ظلمن خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ملهو ڀيل جي رهواسين پرڀولال ڀيل، هيرو ڀيل، ڌاڻو ڀيل، خميسو ڀيل ۽ شيوڪ ڀيل سميت عورتن جيتو ٻائي، ٻٻري ٻائي ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو وڏيري جي ظلم ۽ زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. اُن موقعي تي چوري جي الزام هيٺ تشدد جو شڪار بڻيل نوجوان پرڀولال ڀيل پاران انصاف نه ٿيڻ جي صورت ۾ پاڻ تي پيٽرول هاري خودڪشي ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو. متاثر نوجوان پرڀولال ڀيل دانهيندي چيو ته ڳوٺ جي وڏيري سومجي ڀيل اسان مسڪينن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، وڏيري مون تي ڪوڙو چوري جو الزام هڻي تشدد ڪرايو ۽ چوي ٿو ته 10 سالن دوران جيڪي به چوريون ٿيون آهن، اُنهي جو قبولدار ٿي، نه ته مارينداسين، مون کي ڦاهي ڏئي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، آئون پنهنجن مائيٽن سميت پنج ڏينهن کان ٿاڻي تي انصاف لاءِ ڌڪا کائي رهيو آهيان، پر پوليس نه ٿي ٻُڌي، ايس ايس پي وٽ دانهن کڻي ويس، پر ايس ايس پي به ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڪير به دانهن نه ٿو ٻُڌي. هن چتا ڏنو ته مون سان انصاف نه ٿيو ته جلد پريس ڪلب آڏو پاڻ تي پيٽرول هاري باھه ڏئي خودڪشي ڪندس، جنهن جا ذميوار وڏيرو سومجي ڀيل ۽ پوليس هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button