پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم واسي ڪيلي جو واپاري نوجوان گارڊ هٿان گولي لڳڻ سبب قتل

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم جو رهواسي ڪيلن جو واپاري نوجوان قتل ٿي ويو، پوليس افغاني سيڪيورٽي گارڊ کي گرفتار ڪري ورتو. رپورٽ موجب ٽنڊوآدم ويجهو ڳوٺ ملان مکڻ جو رهواسي 30 ورهين جو نوجوان گلزار علي ڪيريو ڪراچي جي سفاري پارڪ لڳ قائم نجي اسپتال ۾ پراسرار نموني رات دير سان مبينا طور افغاني سيڪيورٽي گارڊ جي گولي لڳڻ سبب قتل ٿي ويو، واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پوليس پاران گرفتار ڪيل جوابدار جو نالو ظاهر نه ڪيو ويو آھي. وارثن موجب مقتول ڪراچي ۾ پنهنجي سئوٽ جي تيمارداري لاءِ اسپتال ويل هو. مقتول ڪيلي جو واپاري هو. هُن جا لکين روپيا ڪيلي جي واپارين کي ڏنل هئا، اهو به شڪ ڏيکاريو پيو وڃي ته کيس ٽارگيٽ ڪلنگ ذريعي قتل ڪرايو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button