پاڪستانسنڌ

چوٽياريون لڳ روڊ پار ڪندڙ پيرسن عورت ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ فوت

چوٽياريون: چوٽياريون لڳ سانگھڙ مين روڊ تي قائم ڳوٺ اڪبر شاھه وٽ بس مان لھي روڊ ڪراس ڪندي 60 سالن جي عورت مھناز زال مير حسن ڪيريو ڦٽين سان ڀريل تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي جو ٽڪر لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي فوري طور اطلاع تي وارثن ۽ چوٽياريون پوليس سانگھڙ سول اسپتال روانو ڪيو، جتان کيس نوابشاھ علاج نيو پئي ويو ته رستي ۾ عورت فوت ٿي وئي. هوڏانهن پوليس ڪاروائي ڪندي ٽريڪٽر ڊرائيور ۽ ڦٽين سان ڀريل ٽرالي کي تحويل ۾ وٺڻ بعد پيڊي تي ڦٽيون لهرائڻ بعد خالي ٽريڪٽر ٽرالي ٿاڻي تي بيهاري ڇڏي. رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته ڊرائيور ۾ آھي، عورت جا وارث ايندا ۽ ڪاروائي ڪرائيندا ته ڪيس داخل ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button