پاڪستانسنڌ

سامارو لڳ نينگر گهر اندر ڦاهو کائي ڇڏيو

سامارو: سامارو لڳ ديھه لياري جي ڳوٺ نعيم قائمخاني جي رھواسي 12 سالن جي نينگر پرڪاش پٽ ڀورو ڀيل گهر جي لانڊي جي لاٽڻ ۾ ڳچي ۾ رسي سان ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پهچي نينگر جو لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال کڻائي آئي، جتان نينگر جو لاش پوسٽ مارٽم بعد سندس پي ڀورو حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي ڀورو ڀيل ٻڌايو ته اسان ٻني ۾ ڦُٽي چونڊڻ لا ويل هئاسين، پٺيان اطلاع مليو ته پُٽ ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. نينگر جي ڏاڏي چاندو ڀيل نينگر کي چيو ته ٻڪريون کولي چاري اچ، جنهن تان ناراض ٿي نينگر پرڪاش گهر جي لانڍي جي لاٽڻ ۾ گچي ۾ رسي سان ڦاهو کائي ڇڏيو. نينگر جو لاش تعلقا اسپتال مان گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button