عالمي

ڀارت چنڊ ڏانهن نئون مشن چندريان 3 روانو ڪري ڇڏيو

نئين دهلي : ڀارت چنڊ ڏانهن نئون مشن چندريان 3 روانو ڪري ڇڏيو. اها ڀارت طرفان چنڊ تي لهڻ جي چئن ورهين دوران ٻي ڪوشش آهي، ان کان اڳ 2019ع ۾ چندريان 2 مشن ناڪام ٿيو هو. چندريان 3 مشن کي منجهند ٻه وڳي آنڌرا پرديش جي ستيش دهون اسپيس سينٽر تان ايل وي ايم 3 راڪيٽ ذريعي لانچ ڪيو ويو.انڊين اسپيس ريسرچ آرگنائزيشن (اسرو) چندريان 3 مشن لاءِ هڪ لينڊر، روور ۽ propulsion موڊيول تيار ڪيو آهي. هيل تائين رڳو آمريڪا، روس ۽ چين جا مشن چنڊ جي سطح تي لهڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن ۽ ڀارت اهڙو چوٿون ملڪ بڻجڻ چاهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button