اسلام آباد :چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال چيو آهي ته عدالتون پاليسيون يا قانون نه ٺاهينديون آهن، عدالتون رڳو قانون ۽ پاليسين تي عملدرآمد لاءِ هدايتون جاري ڪري سگهن ٿيون. ڪالهه لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان پاران آبادي ۽ وسيلن بابت قومي ڪانفرنس جي پڄاڻي واري اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪ جي بهتري لاءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻو پوندو ته هو پنهنجا بنيادي فيصلا ڪري سگهن، عورتن کي آزادي ملڻ گهرجي. آبادي، ٻارن ۽ عورتن بابت ڪجهه اعتراف ڪرڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته سٺي ڳالهه اها آهي جنهن لاءِ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي ته حڪومت ان کان چڱيءَ ريت واقف آهي، پاليسيون آهن ۽ حڪومت کي ان جي خبر آهي. چيف جسٽس چيو ته مان هاءِ ڪورٽ نه آهيان، هاءِ ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن جا جج منهنجي سامهون ساڄي ۽ کاٻي ويٺا آهن، مون کي خبر آهي ته جج ڇا محسوس ڪندا آهن، سمورا جج قانون جي حمايت ڪن ٿا، اعليٰ تعليم بنيادي حق ناهي پر ان کي بنيادي حق سان ڳنڍجي سگهجي ٿو، ڪانفرنس جون تجويزون سماج جي ڀلائي لاءِ آهن. هن چيو ته سڄي ملڪ مان ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ ڪانفرنس مان پيغام کڻي پنهنجن علائقن ڏانهن ويندا، عورتن کي روزگار سميت فيصلا ڪرڻ جو پورو حق ملڻ گهرجي. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته صحت ۽ تعليم سميت عورتن جي بنيادي حقن بابت پاليسيون موجود آهن، جن کان حڪومتون چڱي ريت واقف آهن، سنڌ ۽ خيبرپختونخوا ۾ به عورتن جي حقن بابت قانونسازي ڪئي وئي آهي، هاڻي معاملو لاڳاپيل حڪومت طرفان پاليسين ۽ قانونن تي عملدرآمد جي حوالي سان آهي. جيڪڏهن حڪومتن قانونن ۽ پاليسين تي عملدرآمد ۾ ڪوتاهي ڏيکاري ته پوءِ عدالتن سان رجوع ڪري سگهجي ٿو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close