پاڪستانسنڌ

تلهار ۾ 3 معصوم ڀائر پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت، والدين جي دنيا لُٽجي وئي

تلهار ڀرسان ڳوٺ چانري ۾ 3 معصوم ڀائر پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا، والدين ۽ گهرڀاتي صدمي ۾ بيحال ٿي پيا، سوڳ ۾ چانري اسٽاپ تي ڪاروبار بند ٿي ويو. خبر موجب تلھار ويجھو چانري ۾ واپاري توفيق ميمڻ جا ٽي معصوم پٽ پاڻي ڀرڻ لا گھران نڪتا ۽ گھر ويجھو پراڻي کاڻ ۾ هڪٻئي کي بچائيندي ٻڏي فوت ٿي ويا، اطلاع تي وارثن پھچي ٽنهي ڀائرن کي ٻاهر ڪڍي رورل ھيلٿ سينٽر تلھار پھچايو جتي ڊاڪٽرن 10 ورهين جي سمران پٽ توفيق ميمڻ، 8 سالن جي شاهجهان ۽ ڇهن ورهين جي سنديل (سمير) ميمڻ جي فوتگي جي تصديق ڪئي، ٻارڙن جا لاش گھر پھچائڻ تي قيامت برپا ٿي وئي، جڏهن ته چانري اسٽاپ تي ماحول سوڳوار ٿي ويو ۽ ڪاروبار پڻ بند رکيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته توفيق ميمڻ جا معصوم پٽ سمران، سنديل ۽ شاھجھان گھر ۾ پاڻي جو موٽر خراب ھجڻ سبب جانورن کي پاڻي پيارڻ لا گھر جي پاسي ۾ کاڻ مان پاڻي ڀرڻ لا نڪتا هئا، جڏھن سمران پاڻي جي خالي بوتل کڻي پاڻي ۾ لٿو ۽ ٻڏڻ لڳو ته پٺيان بيٺل سنديل کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو به ٻڏڻ لڳو، جڏھن ته آخري ڀا شاھجھان ٻنھي ڀائرن کي بچائڻ لا پاڻي ۾ لهي پاڻ به حياتي کان محروم ٿي ويو. ٽنهي معصوم ڀائرن جي جنازي نماز چانري ۾ ادا ڪرڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي. ان موقعي تي سوين اکيون آليون ٿي ويون. ٻڌايو پيو وڃي ته واپاري توفيق ميمڻ جو چوٿون پٽ به ڪجهه عرصو اڳ گهر ۾ گرم پاڻي جي بالٽي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button