پاڪستانسنڌ

ڌاٻيجي اسپيشل اڪانامڪ زون معاشي انقلاب جي شروعات آهي: بلاول ڀٽو زرداري

پرڏيهي وزير ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڌاٻيجي اسپيشل اڪانامڪ زُون جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو، هن چيو آهي ته ڌاٻيجي اڪانامڪ زون قائم ٿيڻ سان 5 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿيندي ۽ ڏيڍ لک نوڪريون پيدا ٿينديون، هن منصوبي سان پاڪستان جي وچ ايشيا، وچ اوڀر ۽ آفريڪا جي منڊين تائين پهچ به يقيني بڻجي ويندي، معاشي انقلاب ٺٽي کان شروع ٿي سڄي ملڪ تائين ڦهلجندو. پرڏيهي وزير پيڙهه جو پٿر رکڻ بعد تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڌاٻيجي اسپيشل اڪانامڪ زُون منصوبي جو ڪريڊٽ آصف علي زرداري ڏانهن وڃي ٿو، اڳوڻي صدر آصف زرداري گوادر پورٽ سي پيڪ تحت منصوبي ۾ شامل ڪيو ته کيس وڏي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو پر هاڻي سڀ سمجهي چڪا آھن ته سي پيڪ پاڪستان لا ھڪ تحفو آھي، ڌاٻيجي اسپيشل اڪانامڪ زون منصوبي ذريعي ملڪ اندر معاشي انقلاب جي شروعات ٺٽي ۽ ڪراچي کان ٿي رهي آھي، سڄي ملڪ کي معاشي ترقي ڏياري صنعتي حب بڻايو ويندو، هي رٿا مڪمل ٿيڻ سان هڪ لک 50 هزار نوجوانن کي روزگار جا موقعا ملي سگهندا، پيپلز پارٽي جي ڪارڪردگي ٻين جماعتن ۽ حڪومتن کان بهتر ۽ ڪارآمد رهي آھي، هاڻي دنيا به اسان جي ڪارڪردگي کي تسليم ڪري رهي آهي ۽ عالمي ادارا به ساراهه ڪن ٿا، ڪوڙ سچ جو مقابلو نٿو ڪري سگهي، سنڌ ۾ ترقي جو نئون سفر شروع ٿي ويو آهي. هن چيو ته ماضيءَ جي حڪمرانن تبديلي جي نالي تي رڳو تباهي ڏني، تبديلي جي نالي تي اسان تباهي ڏسي چڪا آھيون، ٻين ٺلهيون ڳالهيون ڪيون پر اسان عملي طور تي ڪم ڪري ڏيکاريو آھي، ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون پاڪستان ۾ پهريون صنعتي زون آھي، جيڪو سي پيڪ جي لائين تي پورٽ قاسم ريلوي لائين، ايم-9 موٽر وي ۽ قومي شاهراھه جي صفا ڀرسان هڪ آئيڊيل لوڪيشن تي آھي تنهن ڪري هن منصوبي ذريعي ترقي جو باب کُلندو. بلاول چيو ته ايشيائي ملڪن ۾ سروي بعد اهو ثابت ٿيو آھي ته سنڌ سڄي دنيا ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي سيڙپڪاري ڪندڙ ڇهون نمبر صوبو آھي، اسان ٿرڪول، ٿر بجلي گهر، ٺٽو- ڪراچي ڊبل وي روڊ ۽ جهرڪ- ملاڪاتيار پل کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تعمير ڪري مثال قائم ڪري ڏيکاريو آهي، آصف زرداري سي پيڪ جهڙي عظيم منصوبي جو نظريو ڏيندڙ عوامي ليڊر آھي، جنهن جي چين بار بار دورن سان پاڪستان اندر ڪميونڪيشن ۽ انفراسٽرڪچر ۾ بهتري آئي ۽ ھاڻي سي پيڪ کي چين يورپ تائين کڻي ويو آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت کي مبارڪ باد ڏيان ٿو جن شھيد ڀُٽي، شهيد راڻي ۽ آصف زرداري جي خواب کي سچو ڪري ڏيکاريو ۽ سازشن کي رد ڪري ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون جو بنياد وڌو. پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ جلد چونڊون ٿي رهيون آھن، اليڪشن کانپو اسان جي حڪومت ٺهيندي ۽ نئين حڪومت ٺاهي اسلام آباد توڙي عالمي سطح تي معيشت ۽ سيڙپڪاري جي ڪاروبار کي وڌيڪ فوڪس بڻائينداسين ۽ نوجوانن کي روزگار ڏيارڻ لا مختلف منصوبا شروع ڪرايا ويندا. ان موقعي تي تقريب ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزيرن، سفارتڪارن، سيڙپڪارن ۽ ٻين شرڪت ڪئي، قاسم نويد ۽ ٻين به خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button