پاڪستانسنڌ

ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي ٿر جي ماڻهن لا زندگي وقف ڪئي:مٺي ۾ ميڙاڪو

مٺي: مٺي ۾ ٿر ايڪشن فورم طرفان تاريخدان، محقق ۽ سماج سڌارڪ ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن شرڪت ڪئي. ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ٿر ايڪشن فورم جي ڪنوينر ۽ پ پ جي ضلعي انفارميشن سيڪريٽري ڪامريڊ نندلال مالهي چيو ته ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي جي سياسي، سماجي، ادبي، علمي، ثقافتي ميدان ۾ ڪيل خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، هن ۾ الاهي خوبيون موجود هيون. ٿرديپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر الهه نواز سمون چيو ته ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي سان زندگي جي 37 سالن جو رشتو رهيو، هن جي اندر ۾ هڪڙي تڙپ هئي. تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر دودو مهيري چيو ته ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي سنڌ شناس ماڻهو هو، هو شعوري محفل جو مهندار هو ۽ دوستن کي ميڙي گڏ ڪندو هو. ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي جي ڀاءُ ڀيمراج بختاڻي چيو ته اسان جي ڀا اشوڪ ٿر جي ماڻهن لاءِ، هنن جي زندگين جي تبديلي لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪئي. ڊپٽي مئنيجر سنڌ اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني جنيد انصاري چيو ته ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي زندهه دل ماڻهو هو. شاعر شنڪر باغي چيو ته ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي بنيادي طور فقير صفت انسان هو، سٽون سرجيندڙ مخلص ۽ محبتي انسان هو. نامياري شاعر پياري شيواڻي چيو ته ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي مٺي جي سڃاڻپ هو، هن کي ڳالهائڻ جو ڏان هو ٻڌندڙ ٻڌندو ئي رهندو هو. ماما وشن ٿري چيو ته ٿر کان هڪ ڄاڻ جو خزانو ويو آهي، اسان دوستن جي مالها مان هڪڙو موتي ٽٽو آهي. عرفان جوڻيجو چيو ته ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي دوستن کي ڳنڍيندڙ پر خلوص ۽ مهمان نواز انسان هو. ميڙاڪي کي دولت کتري، ملجي مل راٺوڙ، ڊاڪٽر راجيش ڪچوريا، جيتيش راٺي، ضمير بلاول اوٺو، شام سندر، کاٽائو جاني ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button