اسلام آبادپاڪستان

آئي ايم ايف ٻئي جائزي لاءِ شرط پيش ڪر ڇڏيا،ريئل اسٽيٽ ۽ زرعي شعبي تي ٽئڪس جو پلان طلب

اسلام آباد : پاڪستان لاءِ ٽي ارب ڊالر قرض جي منظوري سان گڏ ئي عالمي مالياتي فنڊ ( آءِ ايم ايف) ٻئي جائزي لاءِ شرط پيش ڪر ڇڏيا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف حڪومت کان ريئل اسٽيٽ ۽ زرعي شعبي تي ٽئڪس لاڳو ڪرڻ جو پلان گهري ورتو آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پاڪستان وٽ پراپرٽي سيڪٽر ۽ زرعي شعبي ۾ ٽيڪس وڌائڻ جي صلاحيت موجود آهي. ايف بي آر جو پلان آءِ ايم ايف منظور ڪري ورتو ته مني بجيٽ اچي سگهي ٿي، پر پراپرٽي سيڪٽر ۽ زرعي شعبي تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو فيصلو نئين حڪومت کي ڪرڻو پوندو. ذريعن موجب پراپرٽي سيڪٽر ۽ زرعي شعبي تي ٽيڪس لڳائڻ لاءِ عالمي بئنڪ سان مدد ورتي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button