پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم ۾ مڙس زهر پيتل زال کي پي جي گهر وٽ ڦٽو ڪري فرار، تڙپي فوت

شهدادپور: شهدادپور ويجهو تعلقي ٿاڻي ٽنڊوآدم جي حد ڳوٺ مير خان بوزدار ۾ ٻن ٻارن جي ما سيما گل زال محمد اسحاق بوزدار مبينا طور زهر پي ڇڏيو، جنھن کي مڙس اسپتال کڻي وڃڻ بدران کڻي والد جي گهر جي دروازي اڳيان ڦٽو ڪري فرار ٿي ويو، ناري کي سندس پي ۽ ڀائرن بيھوشي جي حالت ۾ سمس اسپتال شھدادپور کڻائي آيا، جتان کيس حيدرآباد ريفر ڪيو پئي ويو ته ناري فوت ٿي وئي. ناري جي لاش جو سمس اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي فوتي عورت جي والد گلشير بوزدار، ڀائرن گلزار علي حبدار، علي ۽ پيار علي سميت ٻين ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي الزام هنيو ته 3 سال اڳ ڳوٺ جي محمد اسحاق بوزدار سان نياڻي جي شادي ڪرائي هئي، جنهن مان کيس 2 ٻار آهن، اسان جي نياڻي کي مڙس اسحاق پنهنجي ڀيڻ شاهده ۽ ڀا محمد خان جي چرچ تي روز تشدد ڪندو رهندو هو، گذريل ڏينهن اسحاق بوزدار نياڻي کي زهر پيئاري کيس بيھوشي جي حالت ۾ اسان جي گهر جي در آڏو ڦٽو ڪري انسانيت جا ليڪا لتاڙي وڏو ظلم ڪيو آھي، اسان جوابدان خلاف ٽنڊوآدم جي تعلقي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آهي. جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button