پاڪستانسنڌ

چونڊون پراڻي آدمشماري جي بنياد تي ٿينديون: راڻا ثنا الله

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته نئين آدمشماري جو نوٽيفڪيشن نه ڪڍندي، چونڊون پراڻي آدمشماري جي بنياد تي ٿينديون. خابرو چينل سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته آگسٽ ۾ اسيمبلي پنهنجو مدو پورو ڪندي، ان کانپوءِ نگران حڪومت ايندي، حڪومت نئين آدمشماري جو نوٽيفڪيشن نه ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي. راڻا ثناءُ الله چيو ته نئين آدمشماري ۾ ڪجهه مسئلا پيدا ٿيا آهن، ان ڪري نوٽيفڪيشن نه پيو ڪڍيو وڃي، بلوچستان کي آدمشماري جي نتيجن تي اعتراض آهن، نئين آدمشماري تي سڀني جو اتفاق ضروري آهي. آدمشماري بابت فوري فيصلو ملڪ ۾ تڪراري صورتحال پيدا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته نگران حڪومت لاءِ وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ وچ ۾ مشاورت ٿيڻ گهرجي، نگران حڪومت تي وزيراعظم ڪم ڪري رهيو آهي، وزيراعظم اپوزيشن ليڊر ۽ سندس اتحادين سان به مشاورت ڪندو، پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي ۽ اعظم خان جو ڪنهن به پارٽي سان واسطو ناهي، جيڪڏهن خيبرپختونخوا جي گورنر خلاف ڪرپشن جا ثبوت مليا ته انڪوائري ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button