پاڪستانسنڌ

قومپرستن جي اتحاد جي ڪوشش ڪئي، پر اهي خصيص مفادن لا جيئن ٿا:قادر مگسي

مٺي: ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي مٺي ۾ تاريخ جي ڄاڻو ۽ محقق ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي جي تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر قادر مگسي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي ماضي جو متحرڪ ۽ معتبر قومي ڪارڪن هو، ڊاڪٽر اشوڪ جهڙا متحرڪ ۽ فرض شناس ماڻھو ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آھن، هو تڪبر ۽ وڏائي کان بالاتر هو، هن سياسي توڙي سماجي ادارن ۾ عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي. هن چيو ته سنڌي هندن ۽ انهن جي عقيدن توڙي روزگار ۽ وسيلن جو تحفظ ڪرڻ رياست جي ذميواري آھي، مندرن تي حملا مذمت جوڳو عمل آھي، سنڌ ۾ هندن جي مندرن تي حملن جي ذميوار سنڌ حڪومت آھي، حملن جو ڪيس وڏي وزير مراد شاهه تي داخل ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ جا ڌاڙيل سردارن ۽ جاگيردارن جا پاليل آھن ۽ سردار سڀ پ پ ۾ ويٺل آھن. 1947ع ۽ 71ع ۾ به سنڌي هندن ماتر ڀومي نه ڇڏي، انهن کي هڪ گهري سازش تحت ڌرتي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، پر سموريون سازشون ناڪام ٿينديون، سنڌ ۾ ڪجهه ايس ايس پيز فلمي ڊائلاگ هڻي هيرو بڻجڻ لا سپاهي ڌاڙيلن هٿان مارائي رهيا آھن، اسان سنڌي قومپرستن جي پارلياماني اتحاد جي ڪوشش ڪئي، پر قومپرست ننڍن ننڍن مفادن ۾ ڦاٿل آھن ۽ خصيص مفادن لا جيئن ٿا، ايس ٽي پي سنڌ جي سمورن تڪن تي ايندڙ چونڊ ۾ اميدوار بيهارڻ جو فيصلو ڪيو آھي. هن چيو ته آصف زرداري پاور بروڪر آھي، جيڪو سنڌ جا سمورا وسيلا نيلام ڪرڻ کانپو هاڻي وطن وڪڻڻ چاهي ٿو، سنڌ جي تباهي ۽ ذلتن جي ذميوار پ پ حڪومت آھي، ان مان ڇوٽڪاري لا ايندڙ چونڊن ۾ عوام دوست اميدوارن کي ووٽ ڏنو وڃي. ان موقعي تي ايس ٽي پي جا مقامي اڳواڻ گهنشام مالهي، مشتاق قاسماڻي، لالا مهيش سنڌي، آدم هنڱورجو، ڏيوجي ڀيل، شنڪر باغي ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button