پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ جوان ڇوڪري سان مبينا زيادتي، ڳورهاري ٿيڻ تي پي جو احتجاج

ميرپورخاص: اسلام ڪوٽ ۾ جوان ڇوڪري سان زيادتي ڪئي وئي، ڳورهاري ٿيڻ تي معاملو سامهون اچي ويو، پورهيت پي انصاف لا ميرپورخاص پهچي احتجاج ڪيو. اسلام ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ابن جو تڙ جي رهواسي پورهيت پنهنجي مبينا زيادتي جو نشانو بڻيل نوجوان نياڻي سان گڏ ميرپورخاص پھچي بااثر جي زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ۽ صحافين اڳيان انصاف لا دانهون ڪيون. پورهيت الزام هڻندي چيو ته منهنجي ڌي جھنگ ۾ ڪاٺيون ڪرڻ وئي، جتي علائقي جي اوباش ۽ بااثر ٽن جوابدارن ڌي جا ھٿ پير جھليا ۽ هڪ وحشي جوابدار نياڻي سان زيادتي ڪئي، جنهن بعد جوابدارن ڌي کي قتل جون ڌمڪيون ڏيندي خاموش رهڻ جو چيو، ڪجهه وقت بعد ڌي جي طبيعت خراب ٿي وئي، ڊاڪٽر کي چيڪ اپ ڪرائڻ بعد معلوم ٿيو ته نياڻي ڳورهاري آهي، ڌي ڌمڪين سبب خاموش رهي. پورھيت چيو ته اھڙي شڪايت حد جي ٿاڻي تي کڻي ويس، پر پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ بدران معاملي جو راڄوڻي ٺاھه ڪرڻ لا دٻا وجھي واپس موٽائي ڇڏيو. ھن چيو ته ظلم ٿيو آهي، نياڻي سان زيادتي ڪندڙ بااثر جوابدارن خلاف اغوا، زيادتي ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ۽ انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button