پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ميونسپل جي بجيٽ پيش، پ پ ميمبرن جو اعتراض، هنگامو

ميرپورخاص: ميرپورخاص ميونسپل ڪارپوريشن جو بجيٽ اجلاس ميئر عبدالرئوف غوري جي صدارت ۾ ٿيو، جنھن ۾ سال 24_2023ع لاءِ 3 ارب 44 ڪروڙ، 49 لک 67 ھزار 368 رپين جي بجيٽ پيش ڪئي وئي، بجيٽ ۾ خرچن جو ڪاٿو 3 ارب، ڪروڙ، 44 ڪروڙ 26 لک، 12 ھزار 691 رپيا لڳايو ويو آھي، جڏھن تھ بچت 23 لک، 54 ھزار 677 رپيا ڏيکاري وئي. بجيٽ ۾ ملازمن جي پگھارن ۽ پينشن لاءِ ھڪ ارب، 9 ڪروڙ، 24 لک، 80 ھزار 968 رپيا رکيا ويا، جڏھن تھ ڪانٽيجينسي جي مد ۾ 34 ڪروڙ 92 لک، گرانٽس جي مد ۾ 2 ڪروڙ، نون ترقياتي ڪمن لاءِ ھڪ ارب، 6 ڪروڙ، 20 لک رپيا، ھلندڙ ترقياتي ڪمن لاءِ 18 ڪروڙ، 90 لک، 538، مختلف چارجز جي مد ۾ 6 ڪروڙ، 44 لک، 31 ھزار 185 رپيا، نين گاڏين جي خريداريءِ لاءِ 5 ڪروڙ 90 لک رپيا رکيا ويا. بجيٽ ۾ اسڪالرشپس لاءِ 50 ڪروڙ رپيا، غريب ماڻھن جي مدد لاءِ 30 لک رپيا رکيا ويا. بجيٽ پيش ڪرڻ دوران ميئر جي پنھنجي ئي پارٽيءَ جي يوسي چيئرمينن بجيٽ پيش ڪرڻ جي طريقيڪار تي احتجاج ڪيو ۽ چيو تھ اسان کي عين ٽائيم تي بجيٽ جي ڪاپي ڏني وئي آھي ۽ ھاڻ منظوريءَ لاءِ چيو پيو وڃي، جنھن تي کين ڊپٽي ميئر چيو تھ اوھان اسان سان گڏ آھيو يا مخالف ڌرن وارن سان گڏ آھيو؟ جنھن تي يوسي چيئرمين مير علي رضا چيو ته جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته اسان آواز نه اٿاريون ته خاموشي سان وينداسين، بجيٽ تي نظرثاني لاءِ مشاورت ڪنداسين، جنهن کانپوءِ فيصلو ڪنداسين ته ان کي منظور ڪيو وڃي يا نه؟ بجيٽ اجلاس ۾ ڳالھائيندي ميئر گوڙ ڪندڙ يوسي چيئرمينن کي چيو تھ اوهان پنهنجي ئي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر خلاف ڳجهيون صلاحون ڪيون ۽ اڄوڪي اجلاس کي مڇي مارڪيٽ بڻائي ڇڏيو. گوڙ وڌي وڃڻ کانپوءِ اجلاس اندر ميئر جا پرائيويٽ گارڊ پھچي ويا، جن يوسي چيئرمينن کي اسٽيج ڀرسان اچڻ کان روڪي ڇڏيو. بجيٽ تي اعتراض بعد اجلاس ٻن ڏينهن لا ملتوي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button