ميھڙ: بلوچستان زوب واري علائقي ۾ ملڪ دشمن دھشتگردن سان دليري سان مھاڏو اٽڪائي ڪيترن ئي دھشتگردن کي ماريندي شھادت ماڻيندڙ نائب صوبيدار غلام مصطفى سولنگي جي اباڻي ڳوٺ اسحاق سولنگي ۾ ميجر جنرل محمد حسين، (ر) برگيڊيئر طارق قادر لاکير ۽ ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر عبد الخالق پيرزادو سندس تڏي تي پھچي شهيد صوبيدار جي والد ٺارو خان سولنگي، سندس پٽ ياسر سولنگي سان تعزيت ڪئي. ميجر جنرل محمد حسين مرحوم غلام مصطفى جي ڪٽنب لا حيدرآباد ڪينٽ ۾ بھترين گھر ۽ سندس ٻيو نمبر پٽ کي ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ تعليم ڏيارڻ جو اعلان ڪيو ۽ سندن مالي سھائتا پڻ ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close