
مٺي: مٺي ۾ ٿر سٽيزن فورم پاران اٽي جي اگهن ۾ واڌ ۽ عام واهپي جي شين جي مهانگائي خلاف ريلي ڪڍي وئي. بلاول پارڪ کان اوڀايو جوڻيجو، سبحان سميجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ٿر ۾ اٽي جا اگهه آسمان تي پهچي ويا آهن، غريب ماڻهو هڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان آهي، ٿر ۾ هن وقت اٽو 150 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، حڪومت عوام کي سهولتون ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، اٽي سميت عام واهپي جون شيون به مهانگيون ٿي ويو آهن، پورهيت ۽ مزدور طبقو سخت پريشان آهي. هنن چيو ته حڪومت کي گهرجي ته اٽي سميت عام واهپي جي شين جا اگهه گهٽائي عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي.