اسلام آبادپاڪستان

پيمرا بل مشاورت سان ٺاهيو،ميڊيا کي فيصلي سازي جو اختيار ڏنو آهي:مريم اورنگزيب

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اڳوڻي دور ۾ پيمرا آرڊر سان هڪدم ميڊيا تي پابنديون لڳايون ويون، پي ٽي آءِ دور ۾ پي ايم ڊي اي جو ڪارو قانون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پيمرا (ترميمي) بل 2023ع سڀني صحافتي تنظيمن جي مشاورت سان تيار ڪيو ويو، صحافين جي حق لاءِ اسان گڏجي ويٺاسين، ميڊيا پاڻ ان بل ۾ پنهنجي ذميواري جو تعين ڪيو آهي، اهو بل حڪومت جو نه اهو پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام، ميڊيا ۽ صحافين جو بل آهي، صحافين جي حقن کي محفوظ بڻايو ويو آهي، ان ۾ صحافي تنظيمن جي نمائندگي شامل آهي، جنهن ۾ ميڊيا کي فيصلي سازي جو اختيار ڏنو ويو آهي. گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ پيمرا جا لائيسنس يافتا 140 چينل آهن، انهن ۾ 35 نيوز ۽ ڪرنٽ افيئرز، 52 تفريحي چينل، 25 ريجنل چينل، نان ڪمرشل ۽ ايجوڪيشن جا 6، اسپورٽس جا 5، هيلٿ ۽ ايگرو جا 7 چينل، ايجوڪيشن ڪمرشل جا 10 چينل شامل آهن. هن چيو ته گذريل دور ۾ صحافين کي گوليون هنيون ويون، انهن کي اغوا ڪيو ويو، انهن جا هلندڙ پروگرام بند ڪيا ويا ۽ انهن کي جيل موڪليو ويو. هن چيو ته يو اين جي انساني حقن واري ڪميٽي جي قراردادن مطابق بل کي تيار ڪيو ويو، اڄ ڪجهه ماڻهن کي انهي لاءِ تڪليف ٿي رهي آهي ته اهو بل ٺهيو ڪيئن، ڪهڙي ريت سڄي ميڊيا ان تي متفق آهي، پيمرا (ترميمي) بل 2023ع ۾ ترميمن جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته ان بل جو جائزو ورتو ويو آهي، هن ميڊيا کي پيمرا آرڊيننس 2002 ۽ پيمرا (ترميمي) بل 2023ع جو ورتل جائزو به ڏيکاريو. هن چيو ته پيمرا جي شروعات ۾ شق 5 ۾ ترميم ڪري اليڪٽرانڪ ميڊيا کي ملازمن جي وقت سر پگهارن جي ادائگي جو پابند بڻايو ويو آهي. 20 اي جي نئين شق ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ملازمن کي پگهارن جي وقت سر ادائگي جو پابند به بڻايو ويو آهي. 20 بي جي نئين شق ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي پيمرا ۽ شڪايتن واري ڪائونسل جي پگهارن جي وقت سر ادائگي جي سڀني فيصلن، حڪمن جي پاسداري جو پابند بنايو ويو آهي، پگهارن جي عدم ادائگي تي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي حڪومتي اشتهار لاڳاپيل اليڪٽرانڪ ميڊيا کي فراهم نه ڪيا ويندا. هن چيو ته بل ۾ صحافي جي تعريف ۾ ميڊيا ورڪرز کي شامل ڪيو ويو آهي. لائسن رکندڙ ميڊيا هائوس جو ملازم چاهي اهو ڊيسڪ تي هجي يا ڊي ايس اين جي ۾ ويٺل هجي يا ڪيمرا مين هجي اهو ميڊيا ورڪر جي تشريح ۾ شامل هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button