پاڪستانسنڌ

سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ مينهن، ٻارڙن سميت 4 ڄڻا فوت، بجلي بند

حيدرآباد: سنڌ جي مختلف شهرن سانوڻي جي برسات جو سلسلو ڪالهه به جاري رهيو، مختلف حادثن ۾ ٻارڙن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل معلومات موجب ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري رهي. مختلف حادثن ۾ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا، اتحاد ٽائون ۾ پاڻي جي کڏي ۾ ڪري پوڻ سان هڪ 10 ورهين جو ٻارڙو ٻڏي فوت ٿي ويو، علائقي جي ايس ايڇ او امداد پنهور چيو ته محمد خان ڪالوني ۾ شاهد ڪليم نالي 10 ورهين جو ٻارڙو رستي تان لنگهي رهيو هو ته مينهن جي بيٺل پاڻي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو. نيوڪراچي ۾ هڪ ٻارڙي ڪرنٽ لڳڻ سان فوت ٿي وئي. ڊي ايس پي نيو ڪراچي ڪمال نسيم چيو ته اشرف ڳوٺ ۾ جنت گل نالي ٻارڙي ڪرنٽ لڳڻ سان فوت ٿي وئي. نارٿ ناظم آباد بلاڪ ايف ۾ ٽن ورهين جو ٻارڙو محمد اجمل برسات جي پاڻي ۾ ڪري ٻڏي ويو، ايڌي ترجمان مطابق ٻار جو لاش ويجهي اسپتال پهچايو ويو آهي.

شھدادڪوٽ شھر جي يار محمد بروهي ڳوٺ ۾ برسات سبب پورهيت سڪندر علي گاڏهي جي گهر جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 4 ٻارن جي ما ريشمان گاڏهي ملبي ھيٺيان اچي دٻجي فوت ٿي وئي. سندس مڙس اختيار گاڏهي ۽ ڀيڻ نظيران گاڏهي سخت زخمي ٿي پيا فوتي عورت ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال آندو ويو. حيدرآباد ۾ سانوڻ جي برسات جي زوردار وسڪارن بعد ھيٺاھين وارا علائقا برسات جي پاڻي ۾ ٻڏي ويا، ڪيترائي مک چوڪ، روڊ رستا، گھٽيون، ڪالونيون برسات جي پاڻي ھيٺ اچي ويون آھن، برساتي پاڻي گھرن ۾ داخل ٿيڻ لڳو آھي، حيدرآباد ۾ ڪالهه 19 ملي ميٽر برسات ۽ 24 ڪلاڪن دوران 87 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي. برسات حيدرآباد حيسڪو طرفان پوري ريجن ۾ 51 بجلي جا فيڊر ۽ حيدرآباد ۾ 11 فيڊر بند ڪرڻ جي دعوى ڪئي وئي آهي. رات دير تائين مختلف علائقن ۾ بجلي بند هئي، بجلي بحال نه ٿي سگهي هئي.

ٽنڊو محمد خان ۾ پنجين ڏينهن به وقفي وقفي سان برسات جو وسڪارو جاري رهيو، گذريل ڏينهن تيز پوندڙ برسات جي ڪري شهر ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ روڊن رستن تي 4 کان 5 فٽ پاڻي بيهجي ويو. ٽنڊوالهيار ۾ طوفاني برسات شهر جو نقشو تبديل ڪري ڇڏيو، رهائشي ڪالونيون ۽ مکيه شاهراهون پاڻي هيٺ اچي ويون. عثمان شاھه ھڙي سميت ان جي ڀرپاسي جي سمورن علائقن جي شھرن ۽ ڳوٺن ٽنڊوسومرو، شاھپور رضوي، ڊاسوڙي، ميرآباد، پيارولنڊ، ابراهيم شاھه، قيصر سينھڙو ۽ بهار خان ميرجت ۾ برسات جو ڪالهھ کان شروع ٿيل سلسلو ڏينهن جو به جاري رهيو. واهي پانڌي، ڊرگھ بالا ڇني ۽ ساوڙو جا روڊ رستا نئين گاج جي وهڪري ۾ لڙهي وڃڻ سبب ڪاڇي جي سوين ڳوٺن حاجي خان واهي پانڌي، ڊرگھه بالا، ٽنڊو رحيم خان، ڇني، ساوڙو فتح بروهي، سيوو جمالي، بکر جمالي هيرو خان، مريد ديرو، راڄو ڳنڍو ۽ ٻين ڳوٺن جو زميني رستو ٽن ڏينهن کان بحال نه ٿي سگهيو آهي. ڏوڪري ۾ ٻن ڏينھن کان لڳاتار برسات تباھي مچائي ڇڏي. تعلقي جي مختلف شھرن توڙي ڳوٺن جا روڊ رستا پاڻي ھيٺ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button