اسلام آبادپاڪستان

500 ارب رپين کان وڌيڪ بجلي چوري ٿيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد : قومي اسيمبلي جي توانائي بابت ڪميٽي جي اجلاس ۾ گذريل 15 مهينن ۾ 500 ارب کان وڌيڪ بجلي چوري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پارليامينٽ هائوس اسلام اباد ۾ اجلاس ۾ قائما ڪميٽي جي ميمبرن سڄي ملڪ ۾ بجلي چوري جي معاملي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي. ڪميٽي ميمبرن ٻڌايو ته ڪاٿي مطابق ملڪ ۾ 15 مهينن اندر 500 ارب رپين کان وڌيڪ بجلي چوري ڪئي وئي آهي. بجلي چوري خلاف ايڪشن به نه ٿيڻ جي برابر آهي. سڄي سال ۾ بجلي چوري بابت 55 هزار شڪايتون مليون آهن. ڪميٽي ميمبرن چيو ته 20 هزار بجلي جون ايف آئي آر داخل ٿيون، رڳو 528 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. ڪميٽي چيئرمين چيو ته ملڪ ۾ ٿورڙي به برسات وسي ته بجلي بند ٿي وڃي ٿي. بجلي چوري جي ڪري گردشي قرض وڌي رهيو آهي. توانائي وزارت جي آفيسرن اجلاس کي ٻڌايو ته نقصان پورو ڪرڻ لاءِ بجلي مهانگي ڪئي وڃي ٿي، بجلي چورن جي خلاف ايڪشن ڊسڪوز جي لاڳاپيل بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي زمري ۾ اچي ٿو. آفيسرن چيو ته مقامي انتظاميا جو تعاون نه ڪرڻ به وڌو چئلينج آهي، ڊسڪوز جي نجڪاري يا صوبن جي حوالي ڪرڻ تي ڪم جاري آهي. توانائي وزارت جي آفيسرن ٻڌايو ته مڪمل فيڊرز بدران رڳو ٽرانسفارمر بند ڪرڻ جو آپشن غور هيٺ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button