اسلام آباد :نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) وفاقي حڪومت جي درخواست تي بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. گهريلو صارفين لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت 42 رپيا 72 پئسا ٿي وئي. نيپرا جي فيصلي موجب محفوظ صارفين لاءِ 200 يونٽن تائين بجلي جي اگهن ۾ واڌ نه ڪئي وئي آهي. بجلي جا نوان اگهه پهرين جولاءِ 2023ع کان لاڳو ٿيندا. نيپرا فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته هڪ کان 100 يونٽن تائين غير محفوظ گهريلو صارفين لاءِ بجلي 3 رپيا في يونٽ ۽ غير محفوظ صارفين لاءِ هڪ کان 100 يونٽ تائين بجلي جي نئين قيمت 16 رپيا 48 پئسا في يونٽ ڪئي وئي آهي. نيپرا جي فيصلي موجب 101 کان 200 يونٽن تائين غير محفوظ گهريلو صارفين لاءِ بجلي 4 رپيا في يونٽ مهانگي ڪئي وئي آهي ۽ في يونٽ بجلي جي نئين قيمت 22 رپيا 95 پئسا هوندي. نيپرا جي فيصلي موجب 201 کان 300 يونٽ في مهيني جي گهريلو صارفين لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 5 رپيا في يونٽ واڌ ڪئي وئي آهي ۽ ان سليب جي نئين قيمت 27 رپيا 14 پئسا في يونٽ هوندي. جڏهن ته 301 کان 400 يونٽن جي في يونٽ بجلي جي قيمت ۾ 6 رپيا 50 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي آهي ۽ بجلي جي في يونٽ جي نئين قيمت 4 رپيا 30 پئسا في يونٽ ٿي ويندي. نيپرا جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته 401 کان 500 يونٽ في يونٽ بجلي جي نئين قيمت 35 رپيا 24 پئسا في يونٽ هوندي، 501 کان 600 يونٽن لاءِ في يونٽ بجلي ساڍا 7 رپيا ۽ نئين قيمت 36 رپيا 66 پئسا في يونٽ هوندي. نيپرا جي فيصلي موجب 601 کان 700 يونٽن جي ماهوار استعمال لاءِ بجلي جي اگهه ۾ ساڍا 7 رپيا في يونٽ واڌ ڪئي وئي آهي ۽ ان سليب تي بجلي جي في يونٽ جي نئين قيمت 7 رپيا 50 پئسا ٿي ويندي. نيپرا جي اعلان موجب بجلي جي نئين قيمت 41 رپيا 89 پيسا في يونٽ استعمال جي ٽئي فيز جي وقفي وقفي سان ٿيندي. ٽن مرحلن دوران بجلي جي في يونٽ جي نئين قيمت 35 رپيا 57 پئسا في يونٽ هوندي، جڏهن ته ڪمرشل، صنعتن ۽ زرعي استعمال سميت ٻين شعبن جي بجلي جي اگهه ۾ ساڍا 7 رپيا في يونٽ واڌ ڪئي وئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close