حيدرآباد: ملير جي جوڊيشل مئجسٽريٽ چار جي عدالت ۾ مقتول پارس شاھه جي قبرڪشائي بابت ڪيس جي شنوائي ٿي، جنهن ۾ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پو عدالت قبرڪشائي جي اجازت ڏئي ڇڏي. ان حوالي سان عدالت ٻاهران مقتول پارس شاهه جي ڀيڻ صدف شاهه صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان پنهنجي ڀاءُ پارس شاهھ جي خون سان انصاف لا ملير ڪورٽ ۾ قبر ڪشائي لاءِ درخواست ڏني آهي، جنهن بعد عدالت قبرڪشائي جي اجازت ڏني آهي، پارس شاھه ڪيس ۾ جوابدارن کي قبر ڪشائي تي اعتراض نه هجڻ گهرجي، اسان خون ناحق جي شفاف جاچ چاهيون ٿا، اسان ڪنهن سان به ناانصافي نٿا ڪريون، بس صرف پنهنجي ڀا جي خون سان انصاف گهري رهيا آهيون، اسان کي سوشل ميڊيا ۽ ٻين مختلف طريقن سان ڪيس تان هٿ کڻائڻ لا هراسان ڪيو پيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close