
اسلام آباد :قومي اقتصادي ڪائونسل جي انتظامي ڪميٽي ايڪنڪ 1200 ميگاواٽ جي حامل چشما نيوڪليئر پاور پراجيڪٽ يونٽ 5 منصوبي سميت اهم منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اقتصادي ڪائونسل جي انتظامي ڪميٽي ايڪنڪ جو اجلاس ڪالهه هتي ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير نويد قمر، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق باجوا ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ راولپنڊيءَ کان ڪهوٽا تائين 28 ڏهائي 4 ڪلوميٽر ڊگهي روڊ کي ٻٽو ڪرڻ سميت سهاله ريلوي پاس تي 4 لين پُل جي تعمير جي سلسلي ۾ مواصلات واري وزارت منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي. منصوبي تي 23545 ڏهائي 021 ملين رپيا لاڳت ايندا، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت 50-50 جي بنياد تي ان لاءِ فنڊز فراهم ڪندا. جڏهن ته اين ايڇ اي ان منصوبي کي مڪمل ڪندي. اجلاس ۾ دفاعي پيداوار واري وزارت جو ڪراچي شپ يارڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس انفراسٽرڪچر منصوبي جي پڻ منظوري ڏني. ان منصوبي جي نظرثاني ٿيل لاڳت 10689 ڏهائي 807 ملين رپيا آهي، جنهن ۾ 4934 ڏهائي 56 ملين رپين جي غير ملڪي معاونت شامل آهي. اجلاس ۾ 45 ڪلوميٽر ڊگهي عبدالخيل، داعي- ڪلر ڪوٽ روڊ جي تعمير جي منظوري ڏني وئي. ان منصوبي تي 14257 ڏهائي 29 ملين رپين جي لاڳت ايندي. هي منصوبو اين ايڇ اي مڪمل ڪندو. وفاق ۽ ڪي پي ڪي جي حڪومت 50 سيڪڙو جي شرح سان فنڊ فراهم ڪندا. اجلاس ۾ پاڻي وسيلن واري وزارت جي ضلعي خاران ۾ گورک اسٽوريج ڊيم منصوبي ۽ نصير آباد ضلعي ۾ پٽ فيڊر ڪينال سسٽم جي ري ماڊلنگ منصوبي جي منظوري ڏني وئي، ان منصوبي تي 61793 ڏهائي 36 ملين رپيا لاڳت ايندي. وفاق ۽ صوبو 50 سيڪڙو جي شرح سان فنڊ فراهم ڪندا. اجلاس ۾ پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي چشمي نيو ڪليئر پاور پراجيڪٽ يونٽ 5 جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اسڪولن جي تعمير ۽ بحاليءَ جي منصوبن جي منظوري ڏني وئي آهي. جنهن تي 12338 ڏهائي 294 ملين رپين جي لاڳت ايندي. اجلاس ۾ پلاننگ ڪميشن جي انويسٽمينٽ پراجيڪٽ فانسنگ ڪمپونينٽ پاڪستان ريزيز روينيو پراجيڪٽ جي منظوري پڻ ڏني وئي، عالمي بئنڪ ان منصوبي لاءِ 80 ملين ڊالرن جو قرض فراهم ڪندو.