اسلام آبادپاڪستان

سيما حيدر تائين قونصلر پهچ ناهي ملي:پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد : پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان مان ڀارت ويندڙ عورت سيما حيدر تي پاڪستان کي اڃا تائين قونصل پهچ ناهي ڏني وئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته هن وقت تائين سيما بابت ڪا ڄاڻ ناهي ڏني وئي، جڏهن ته اسان سيما جي قوميت جي تصديق ناهيون ڪري سگهيا. ترجمان چيو ته پاڪستان آيل عورت انجو قانوني ويزا تي آئي آهي، ڀارتي هاءِ ڪميشن هن وقت تائين انجو جي حوالي سان ڪنهن قسم جو ڪو رابطو ناهي ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button