اسلام آباد:نگران وزيراعظم جو نالو طئي ڪرڻ جي معاملي تي وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر جي ملاقات اڄ اربع جي شام 4 وڳي ٿيندي. ذريعن موجب ان حوالي سان مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض کي لکت ۾ ميٽنگ کان آگاهه ڪيو ويو آهي. راجا رياض چيو آهي ته اڄ اربع تي حڪومت طرفان نگران وزيراعظم جا نالا سامهون ايندا ۽ مان پنهنجي طرفان به ڪجهه نالا تجويز ڪندس. هن چيو ته هن کان اڳ وزيراعظم کي نگران وزيراعظم لاءِ نه ڪوئي نالو ڏنو ويو نه صلاح مشورا ٿيا.هن ٻڌايو ته ساٿين جي مشوري سان پنهنجا 3 نالا 90 سيڪڙو فائنل ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ان کان سوال ڪيو ويو ته چيو پيو وڃي ته نوازشريف نالو فائنل ڪري ڇڏيو اوهان سان مشاورت جو ڪو مقصد نه آهي، جنهن تي هن جواب ڏنو ته اوهان ڀلي جيڪو به چئو منهنجي پنهنجي سوچ آهي. هن چيو ته دوستن سان مشاورت ڪري ورتي آهي. جڏهن ان کان سوال ڪيو ويو ته ڇا جج يا جرنيل ڪوئي نگران وزيراعطم ٿيندو جنهن تي هن چيو ته منهنجا ٽئي نالا بس پاڪستاني هوندا.
نگران وزيراعظم