اسلام آبادپاڪستان

فوت ٿيندڙ صحافين لاءِ خصوصي فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد:ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صحافين، ميڊيا ورڪرز، فنڪارن ۽ فلمي صنعت جي فني ماهرن لاءِ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ فرضن جي ادائيگي دوران فوت ٿيندڙ صحافين لاءِ خصوصي فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. ڪالهه صحافين، ميڊيا ورڪرز، فنڪارن ۽ ٽيڪنيڪل ريسورس لاءِ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ڪرڻ جي تقريب ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، اعظم نذير تارڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم هيلٿ انشورنس ڪارڊ کي انقلابي قدم قرار ڏيندي چيو ته ورڪنگ جرنلسٽس پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ ڪيترن ئي چئلينجز ۽ خطرن کي منهن ڏين ٿا. هن ان اهم ڪوشش تي اطلاعات واري وفاقي وزير ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم خصوصي فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو. ان فنڊ تحت صحافي جي گهرڀاتين کي 40 لک رپيا ڏنا ويندا. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ اهم ۽ تاريخي ڏينهن آهي جڏهن وزيراعظم جي هدايت تي ورڪنگ جرنلسٽس ۽ فنڪارن جي لاءِ هيلٿ ڪارڊ جاري ڪيو پيو وڃي. تقريب ۾ وزيراعظم صحافين ۽ فنڪارن ۾ هيلٿ ڪارڊز ورهايا. هيلٿ انشورنس ڪارڊ تحت 15 لک رپين جي ڪارپوريٽ هيلٿ انشورنس جي سهولت حاصل هوندي، صحافي، ميڊيا ورڪرز، فنڪار ۽ ٽيڪنيڪل ريسورس سڄي ملڪ ۾ 1200 اسپتالن مان عالمي معيار جي صحت جون سهولتون مفت حاصل ڪري سگهندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button