اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

هلندڙ سال بجلي واهپيدارن کان 721 ارب وڌيڪ اوڳاڙيا ويندا

اسلام آباد : آئي ايم ايف جا سخت شرط هلندڙ مالي سال بجلي واهپيدارن لاءِ ڳرو ثابت ٿيندو. ناڻي وزارت جي ذريعن مطابق هلندڙ مالي سال بجلي واهپيدارن کان 721 ارب رپيا وڌيڪ ورتا ويندا. ڊسمبر تائين بجلي مرحليوار مهانگي ٿيندي، سيپٽمبر تائين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي هڪ رپيو 25 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيندي. ان مد ۾ واهپيدارن کان 39 ارب رپيا موصول ڪيا ويندا. سيپٽمبر کان ڊسمبر تائين ايف سي اي جي مد ۾ 4 رپيا 37 پئسا في يونٽ بجلي مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي. سپٽمبر کان ڊسمبر تائين واهپيدارن کان 122 ارب رپيا موصول ڪيا ويندا. سالياني ريڊيسنگ جي مد ۾ 5 رپيا 75 پئسا بجلي مهانگي ڪرڻ سان 560 ارب موصول ٿيندا. ڄاڻايل رقم توانائي شعبي جي گردشي قرض ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ خرچ ٿيندي. حڪومت جو هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين بجلي شعبي جو گردشي قرض 2130 ارب تائين محدود ڪرڻ جو پلان آهي، جون 2023 تائين پاور سيڪٽر جو گردشي قرض 2700 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو. حڪومت توانائي شعبي ۾ گردشي قرض ختم ڪرڻ جو پلان آئي ايم ايف شيئر ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button