اسلام آبادپاڪستان

اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي 5 سالن لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي 5 سالن لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب توشا خانا ڪيس ۾ ايڊيشنل سيشن جج اسلام آباد جي فيصلي جي روشني ۾ عمران خان کي نااهل قرار ڏنو پيو وڃي. اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف چيئرمين کي اين اي 45 ڪُرم مان ڊي نوٽيفاءِ ڪيو. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين کي توشا خانا ڪيس ۾ 3 سال سزا ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ لڳو، تنهن ڪري پي ٽي آءِ چيئرمين آئين جي آرٽيڪل 63 ون ايڇ تحت نااهل ٿي ويو. اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن موجب عمران خان اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 167 تحت ڪرپٽ پريڪٽس ڪئي، کيس اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 174 تحت 3 سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ لڳو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان کي آئين جي آرٽيڪل 63 ون ايڇ ۽ اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 232 تحت 5 سالن لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو. واضح رهي ته 5 آگسٽ تي ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور توشا خانا ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي 3 سال قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button