اسلام آبادپاڪستان

آرمي چيف جي مهرباني،عهدو سنڀاليندي ئي مُلڪي ترقي جو پروگرام ڏنو:وزيراعظم

راولپنڊي : وزيرِ اعظم شهباز شريف چيو آهي ته آرمي چيف عهدو سنڀاليندي ئي مُلڪي ترقي جو پروگرام ڏنو، قيامت تائين دشمن پاڪستان ڏانهن ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي. ڪالهه جنرل هيڊ ڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيرِ اعظم چيو ته سڀاڻي اسان جي حڪومت ختم ٿي ويندي آئين موجب اقتدار نگران حڪومت حوالي ڪيو ويندو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان هڪ ايٽمي پاور ملڪ آهي دشمن اسان کي ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي، قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. هن چيو ته اسان جي وڃڻ کان اڳ ترقي ۽ خوشحالي وارو مضبوط نظام وجود ۾ اچي چڪو آهي. آرمي چيف عاصم منير جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جنهن جيئن منصب سنڀاليو بنا وقت وڃائڻ جي منهنجي آڏو پاڪستان کي اڳتي وڌائڻ جو پروگرام پيش ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آرمي چيف اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن جي قيام ۾ اسان جو هٿ ونڊرايو. هن چيو ته شهيد ۽ غازي اسان جو فخر آهن ۽ سندن عزت ۽ تڪريم هر پاڪستاني تي لازم آهي، اسان کي اِهو ڪڏهن به نه وسارڻ گهرجي تي اسان جنهن امن ۽ آزادي مان لطف اندوز ٿي رهيا آهيون اِها هن مٽي جي بهادر پٽن جي لازوال قربانين جي ڪري آهي. وزيراعظم چيو ته جن ماڻهن شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي، انهن جا چهرا هن مُلڪ جي تاريخ ۾ ڪارا رهندا، پاڪستان جا قابلِ فخر ماڻهو کين ڪڏهن نه وساريندا. جڏهن ته آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم شهباز شريف جي ايڇ ڪيو جو الوداعي دورو ڪيو، ان موقعي تي آرمي چيف جنرل عاصم منير وزيرِاعظم جي جي ايڇ ڪيو آمد تي سندس آجيان ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته وزيراعظم، پرنسپل اسٽاف آفيسرز سان ملاقات ڪئي ۽ کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو ۽ شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button