اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل قانون موجب سموريون سهولتون ڏيڻ جو حڪم

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ۾ سهولتون ۽ اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ واري ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي اٽڪ جيل ۾ رکڻ جي ڪارڻ بابت رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي. عدالت چيو ته ٻڌايو وڃي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڪهڙن سببن جي بنياد تي اٽڪ جيل ۾ رکيو ويو آهي. عدالت ان ڳالهه تي مدد طلب ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي گهر جو کاڌو ڏئي سگهجي ٿو يا نه؟. عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته اهڙو ڪجهه رڪارڊ تي ناهي جيڪو قيديءَ کي هفتي ۾ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ملاقات کان روڪي، جيل رولز موجب پي ٽي آءِ چيئرمين جي دوستن، مٽ مائٽن ۽ وڪيلن سان ملاقات ڪرائي وڃي، کيس نماز جي جاءِ ۽ انگريزي ترجمي سان گڏ قرآن پاڪ ڏنو وڃي. عدالتي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي مناسب طبي سهولتون به فراهم ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button