فريدآباد: فريدآباد ۾ ڊي ايڇ او دادو عبدالحميد شيخ خلاف ھيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيشن جي اڳواڻن سڪندر بروھي، ميھر علي ڏيرو، پير محمد ڏيرو، شبير احمد ڪرٽيو، محرم رند، زيب رند ۽ فدا حسين ڏيرو جي اڳواڻي ۾ 35 ھين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري سٽي گيٽ تي ڌرڻو ھنيو ويو.
ان موقعي تي ھنن چيو ته ڊي ايڇ او عبدالحميد شيخ راشي ۽ ڪرپٽ آهي، پنهنجي نجي اسپتال تي سرڪاري دوائون استعمال ڪري غريب مسڪين ۽ بي سھارا ماڻهن کان ڳريون فيون وصول ڪري ڪروڙ پتي بڻجي ويو آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته ڊي ايڇ او دادو عبدالحميد شيخ کي فورن ھٽائي سرڪاري دوائن جي وڪري جي جاچ ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جاري رھندي.