پاڪستانسنڌ

فريدآباد لڳ بااثر جوابدار جو معذور تي تشدد، گرفتاري لا احتجاج

فريدآباد: فريدآباد لڳ ڳوٺ ولي محمد رند جي رھواسي ڄنگھن کان معذور عزير احمد رند پٽ حاجي انور رند کي بااثر غفار رند بناجواز لٺين ۽ سروٽن سان رتورت ڪري ڇڏيو، معذور عزير احمد رند نيشنل پريس ڪلب فريدآباد پھچي احتجاج ڪندي چيو ته مون تي غفار رند لٺين ۽ سروٽن سان وسڪارو ڪري ڏنو، مون کي مٿي ۾ ڌڪ هنيا آهن، مان غريب ۽ مسڪين آھيان. هن مطالبو ڪيو ته جوابدار بااثر آهي، ھن کي گرفتار ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button