پاڪستانسنڌ

سنڌ جا تعليمي ادارا نياڻين لاءِ مقتل گاهه بڻجي چڪا آهن: جماعت اسلامي سنڌ

ڪراچي: جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ چوٿين سال جي شاگردياڻي نوشين شاهه جي موت تي انتهائي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪندي واقعي کي وڏو الميو ۽ سنڌ حڪومت لاءِ فڪر جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جا تعليمي ادارا معصوم شاگردياڻين لاءِ مقتل گاهه بڻجي چڪا آهن، هڪ طرف ڀوتارڪي ۽ سرداري نظام نياڻين لاءِ ڌرتي کي جهنم بڻائي ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف اعلى تعليمي ادارن ۾ پڻ معصوم نياڻين جا هر روز لاش ملي رهيا آهن.

ان کان اڳ ساڳي اداري ۾ ميرپورماٿيلو واسڻ نياڻي نمرتا ڪماري جو ساڳي طرح سان موت ٿيو، جنهن تي سنڌ حڪومت، ڪاليج انتظاميه غفلت ۽ لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو، جيڪڏهن نمرتا ڪماري جي موت جي صحيح طرح سان جاچ ڪئي وڃي ها ته اڄ نوشين شاهه جو لڱ ڪانڊرائيندڙ واقعو نه ٿئي ها.

هن وڌيڪ چيو ته جهڙي طرح سان نوشين شاهه جو لاش پکي ۾ ٽنگيل هيو ۽ سندس ڳچيءَ تي تشدد جا نشان پڻ هئا، ان تي ڪيترائي سوال جنم وٺن ٿا، جن ادارن ۾ اسان جون نياڻيون ڊگريون حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿين ٿيون اُتان انهن جا لاش ملي رهيا آهن، نائلا رند به ساڳي طرح سان سنڌ يونيورسٽي جي ماروي هاسٽل ۾ مارجي وئي، جنهن جي قتل جو اڄ تائين ڪوبه داد فرياد ناهي ٿي سگهيو، جماعت اسلامي متاثر خاندان سان هن ڏک جي گهڙي ۾ گڏ بيٺل آهي ۽ کين انصاف ڏيارڻ لاءِ هر فورم تي ڀرپور تعاون ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button