پاڪستانسنڌ

پيٽرول ڊيلرن جي هڙتال جي ذميوار عمران حڪومت آهي: اسماعيل راهو

ڪراچي: ماحوليات واري صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته عمران حڪومت ڏينهون ڏينهن بحرانن کي جنم ڏئي رهي آهي، جيڪو ملڪ لاءِ نقصانڪار آهي، پيٽرول ڊيلرن جي هڙتال جي ذميوار عمران حڪومت آهي. ماحوليات واري صوبائي وزير اسماعيل راهو پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پهريان ئي عوام مهانگائي سبب پريشان آهي، هاڻ پيٽرول پمپ بند ٿيڻ سان ماڻهن جو ڪاروبار متاثر ٿي رهيو آهي ۽ آفيسن ۾ به پهچي نه پيا سگهن، پريشان آهن، ملڪ ۾ جڏهن کان تباهي سرڪار جي حڪومت آئي آهي. بجلي بند، گيس بند، اسپتال بند، کنڊ غائب، اٽو مهانگو، ڪڻڪ گم هڪ پيٽرول کليل هئا پر اهي به هنن بند ڪري ڇڏيا.

اسماعيل راهو چيو ته عوام رستن تي نڪري پوءِ ڏسو هي بني گالا جي مافياز ڪيئن ختم ٿئي ٿي، گذريل ڏينهن حڪومت عوام کي گهٻرائڻ جو مشورو ڏنو ۽ اڄ پيٽرول نٿو ملي، عوام کي پيٽرول ملي يا نه ملي پر وفاقي وزيرن کي مفت ۾ پيٽرول ملي پيو، انهن کي عوام جو ڪهڙو فڪر ٿيندو. هن چيو ته آئي ايم ايف سان معاهدن کانپوءِ پيٽرول سميت ٻيون شيون عمران حڪومت مهانگيون ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button