رانديون

ڀارت نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ 258 رنسون ٺاهي ورتيون

ڀارت پهرين ٽيسٽ ميچ جي پهرئين ڏينهن واري راند ۾ نيوزيلينڊ خلاف 258 رنسون ٺاهي ورتيون آهن ۽ سندس 4 بيٽر آئوٽ ٿي ويا آهن. ميڊيا مطابق ڀارتي ڪپتان اجنڪيا راهني ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن بعد ڀارت جا بيٽر شڀمن گل 52، ڪپتان اجنڪيا راهني 35، ڇتيشور پجارا 26 ۽ ميانڪ اگروال 13 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا. جڏهن تھ شرياس ليئر 75 ۽ رويندر جديجا 50 رنسن سان پچ تي موجود آهن، ڪالهه پهرين ڏينهن ڪوبھ ڀارتي بيٽر سنچري نھ ڪري سگهيو آهي. جڏهن تھ نيوزيلينڊ جي بالرن مان ڪائلي جيميسن 3 وڪيٽون ورتيون ۽ ٽم سائودي هڪ کي آئوٽ ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button