پاڪستانسنڌ

لياري يونيورسٽي خلاف سوشل ميڊيا تي خبرون شيئر ڪرڻ تي ٻن آفيسرن کان وضاحت طلب

ڪراچي: ڪراچي جي لياري يونيورسٽي خلاف خبرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ تي يونيورسٽي انتظاميه ٻن آفيسرن کان وضاحت طلب ڪري ورتي، لياري يونيورسٽي انتظاميه پاران اليڪٽريڪل جي سب انجنيئر اسما اطهر ۽ پبلڪ رليشن آفيسر وقار لغاري کان وضاحت طلب ڪئي وئي آهي. انتظاميه جو چوڻ آهي ته يونيورسٽي جي خلاف خبرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ساک کي ڌڪ رسايو ويو آهي، وضاحت ڏيو.

ٽن ڏينهن جي اندر لکت ۾ وضاحت ڏيو نه ته ڪارروائي ڪنداسين. يونيورسٽي جي وي سي اختر بلوچ جو چوڻ آهي ته ٻنهي آفيسرن هٿ ٺوڪيون خبرون ٺاهي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون، جيڪي ڪنهن به اخبار ۾ لڳل ئي نه هيون، جيڪڏھن ڪنهن اخبار ۾ خبر لڳي هئي ته ان جي اصل ڪاپي آڻين، نه ته يونيورسٽي جي ساک کي نقصان رسائيندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button