پاڪستانسنڌ

چيلهار ۾ عورت کوهه ۾ ٽپو ڏئي انت آڻي ڇڏيو

چيلهار: ٿرپارڪر ۾ خودڪشي جي واقعن تي ضابطو نه اچي سگهيو. چيلهار ڀرسان ڳوٺ ڌوڙڪيون ۾ 40 ورهين جي عورت چندو زال سنڀو ميگهواڙ گهرن ڀرسان ٺهيل کوهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کوهه مان ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪيو. جڏھن ته وارثن پوليس آڏو بيان ڏيندي چيو ته عورت جو دماغي توازن درست نه هجڻ ڪري هن انتهائي قدم کنيو. پوليس پاران ٻڌايو ويو ته اسان لاش اسپتال منتقل ڪيو آهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد ئي ڪجھه ٻڌائي سگهجي ٿو. جڏھن ته ٿر ۾ هر آئي ڏينھن خودڪشين جي واقعن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، پوليس روايتي جاچ بعد پاڻ آجي ٿي ويندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button