ٽنڊو جان محمد: عوامي تحريڪ جي کاهوڙي اڳواڻ ڪامريڊ فيض محمد ٽالپر جي ٻين ورسي جي موقعي تي عوامي تحريڪ تعلقي جهڏو پاران موٽرسائيڪل ريلي ڪڍي ٽنڊو جان محمد ڀرسان سخي تورا قبرستان ۾ فيض محمد ٽالپر سميت عوامي تحريڪ جي بهادر اڳواڻن مير نور محمد ٽالپر، سائينداد خاصخيلي، شاهد خاصخيلي، بابو ٽالپر ۽ معشوق خاصخيلي جي مزارن تي گلن جي چادر چاڙھي کين سلام پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ اياز کوسي، ضلعي ميرپورخاص جي صدر امير بخش جروار، ايڊووڪيٽ غفار ناريجي، اشرف رند، ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي، شگن ڪولهي، ايڊووڪيٽ ممتاز کوسي، پرڀو مھراج ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته فيض محمد ٽالپر عوامي تحريڪ جو سپاهي به هو ته اڳواڻ به ھو، جنهن پارٽي ۾ ڪيترائي نظرياتي ڪارڪن تيار ڪيا، ھن فڪرِ رسول بخش پليجو تي ليڪچر پروگرام ڪيا، سنڌ ۾ سماجي اڻ برابري ۽ طبقاتي نظام خلاف ڀرپور جدوجهد ڪئي. پليجي جي پورهيت انقلابي نظرئي جي ڀرپور پرچار ڪئي. هنن چيو ته زرداري مافيا سنڌ وڪرو ڪري ڇڏي آهي، سنڌ جا وسيلا ڌارين حوالي آهن، عوام دربدري واري زندگي گذاري رهيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close