اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف سائفر گمشدگي واري معاملي جو ڪيس داخل

اسلام آباد : وفاقي جاچ اداري ( ايف آءِ اي ) سائفر جي گمشدگي واري معاملي تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب، ايف آءِ اي جي دهشتگردي ٽوڙ ونگ ۾ سائفر جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جو نالو نامزد ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي جي دهشتگردي ٽوڙ ونگ ۾ مقرر ڊي آءِ جي ليول جا آفيسر ان معاملي جي انڪوائري ڪري رهيا آهن.ٻئي پاسي سائفر گمشدگي واري معاملي تي ايف آءِ اي گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ چيئرمين کان پڇا ڳاڇا ڪئي. ايف آءِ اي ذريعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين سان ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ جيل جي آفيس ۾ ملاقات ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button