پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ شديد ڪوهيڙي سبب بس جو ٽرالر سان ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 12 زخمي ٿي پيا

ڪراچي: ڪراچي جي ناردرن بائي پاس تي شديد ڪوهيڙي سبب حادثي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب ڪراچي کان ايران ويندڙ زائرين جي بس شديد ڪوهيڙي سبب ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 زائرين فوت ٿي ويا آهن ۽ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طبي امداد لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب بس ۾ 30 مسافر سوار هئا، حادثي جي نتيجي ۾ بس جي اڳئين حصي کي نقصان پهتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو ڪوهيڙي سبب پيش آيو، ناردرن بائي پاس تي سخت ڪوهيڙي سبب بس ڊرائيور ٽرالر کي نه ڏسي سگهيو، جنهن سبب پوليس ۽ امدادي ٽيمن کي به حادثي واري هنڌ پهچڻ ۾ ڏکيائي پيش آئي.

هوڏانهن ناردرن بائي پاس تان گذرندڙ ٽرڪن ۽ ٽرالن جي ڊرائيورن به وڏي حادثي کان بچڻ لاءِ يونيورسٽي ويجهو روڊ جي ڪناري تي گاڏيون پارڪ ڪري ڇڏيون هيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button