پاڪستانسنڌ

جسٽس (ر) مقبول باقر سنڌ جي نگران وڏي وزير طور حلف کڻي ورتو

ڪراچي: سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر عهدي جو حلف کڻي ورتو، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري کانئس حلف ورتو. گورنر هائوس سنڌ ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ مراد علي شاهه، اڳوڻن وزيرن، پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي جي سياسي اڳواڻن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ پرڏيهي سفارتڪار، واپاري، فوجي ۽ سول اختياريون به شريڪ ٿيون. جسٽس (ر) مقبول باقر 1957 ۾ ڄائو، سندس واسطو ڪراچي سان آهي،

مقبول باقر ڪراچي يونيورسٽي مان ايل ايل بي ڪئي ۽ 1981 ۾ وڪالت سان جڙي ويو. مقبول باقر سال 2002 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو ۽ پوءِ سال 2013 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ٿيو. جسٽس (ر) مقبول باقر سال 2015 ۾ سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو ۽ 4 اپريل 2022 ۾ رٽائر ٿيو. هو 2013 ۾ هڪ دهشتگرد حملي ۾ سخت زخمي به ٿيو هو، حملي ۾ سندس سيڪيورٽي عملي سميت 9 ڄڻا شهيد ٿي ويا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button