پاڪستانسنڌ

جان محمد مهر جي وارثن جي آ ٽي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪري ڇڏيو

حيدرآباد: شهيد صحافي جان محمد مهر جي وارثن جي آ ٽي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ کي ڪئين جي آ ٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي، صرف ٻه جوابدارن کي گرفتار ڪري مک قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لا ڪوبه قدم نه کنيو ويو آهي. ٻئي طرف پي ايف يو جي جي سڏ تي سنڌ جي ارڏي صحافي جان محمد مهر جي قتل واري واقعي خلاف حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس پاران حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ايڇ يو جي جي صدر اقبال ملاح، جنرل سيڪريٽري جئه پرڪاش موراڻي، خزانچي جاني خاصخيلي، اشوڪ راماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر اقبال ملاح خطاب ڪندي چيو ته صحافي شهيد جان محمد مهر کي ان ڪري قتل ڪيو ويو ته جيئن حق ۽ سچ جي آواز کي دٻائي سگهجي، پر اسين ان مزاحمتي تحريڪ جا پوئلڳ آهيون، جن ضياءَ الحق جهڙي آمر کي منهن ڏنو ۽ نه جهڪيا، هيءَ تحريڪ اڄ ملڪگير تحريڪ بڻجي چڪي آهي، جيڪڏهن شهيد جا قاتل گرفتار نه ٿيا ته پاڪستان جا صحافي سراپا احتجاج بڻجي ويندا، اسين صحافي ڪنهن به فرعون جي فرعونيت کي مڃڻ لاءِ تيار نه آهيون. جڏهن ته عورت اڳواڻ حسين مسرت شاهه، نسيم جلباڻي، ايڇ آر سي پي حيدرآباد ريجن جي ڪوآرڊينيٽر غفرانا آرائين، افشان سامٽيو، سليم جروار، ايڊووڪيٽ محب آزاد ۽ ٻين به پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو. بدين ۾ حاجي خالد محمود گهمڻ، تنوير آرائين، ڄامشورو ۾ ڌڻي بخش باريجو، قربان پنهور، دادو ۾ ولي محمد لنڊ، صابر ڀنڊ، ٽنڊوالهيار ۾ غلام رسول نهڙيو، امان الله کوکر، ڀٽ شاهه ۾ رجب بوزدار، نوشاد علي ٻگهيو، ٽنڊو محمد خان ۾ رمضان شورو، عبدالڪريم نظاماڻي، ڌاٻيجي ۾ مقصود جوکيو، امين فاروقي، ٺٽي ۾ خدا بخش بروهي، اسماعيل ميمڻ، سکر ۾ امداد بوزدار، چوڌري ارشاد گوندل، ڳاڙهو، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، نوابشاهه، نوشهروفيروز، خيیرپور، سيوھڻ، لاڙڪاڻي، ميرپور ماٿيلو، ڏھرڪي، اوٻاوڙو، گھوٽڪي، اسلام ڪوٽ، کهڙا، نفيس نگر، نئون ڪوٽ، پيروسڻ، ميرپورٻرڙو، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، اوٻاوڙو ۽ ٻين شهرن ۾ صحافين سميت مختلف سياسي سماجي ڌرين احتجاج ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button