سنڌ

ڄامشورو ڦاٽڪ تي حيدرآباد واسي نوجوان کان موبائيل فون ڦر

حيدرآباد جي نوجوان کان ڄامشورو ڦاٽڪ وٽ موبائيل فون ڦر ٿي وئي. خبر موجب حيدرآباد واسي نوجوان ايڊووڪيٽ فيض عبيد راڄڙ ڪراچي کان ڪٽنب سميت ڄامشورو ڦاٽڪ پهتو ته فلائي اوور جي هيٺان موٽر سائيڪل تي سوار 2 نامعلوم هٿياربندن ڪار کي گهيري ورتو ۽ پسٽل جي زور تي نوجوان کان 70 هزار رپيا ماليت جو موبائيل فون ڦر ڪري ورتو ۽ رش هجڻ باوجود ڦورو آساني سان فرار ٿي ويا. متاثر نوجوان فيض عبيد راڄڙ ٻڌايو ته هٿياربند جنهن موٽر سائيڪل تي واردات ڪرڻ پهتا هئا ان تي نمبر پليٽ لڳل نه هو، جڏهن ته موبائيل فون ڦر ٿيڻ بابت ڄامشورو ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي پر آخري اطلاعن تائين پوليس جوابدارن جو پتو لڳائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button