سنڌ

پريٽ آباد ٽائون ميونسپل تي پي ٽي آئي اميدوار جي ٽاس ذريعي ڪاميابي ڪالعدم قرار

اليڪشن ڪميشن حيدرآباد جي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن پريٽ آباد جي چيئرمين جي ڪاميابي واري ٽاس کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، اليڪشن واري ڏينهن تشدد بابت ايس ايس پيز جي رپورٽ رد ڪري هڪ هفتي اندر رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جي 5 رڪني فل بينچ 11 جولاءِ تي حيدرآباد جي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن پريٽ آباد جي چونڊ بابت مخالف اميدوار طرفان ڏنل درخواست تي شنوائي ڪئي ۽ تحريڪ انصاف جي ڪامياب اميدوار سهيل جهيجو جي ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏنو، جنهن کي ريٽرننگ آفيسر ٽاس ڪري ڪامياب قرار ڏنو هو. بينچ ايس ايس پي حيدرآباد ساجد امير سدوزئي کي حڪم ڏنو آهي ته 15 جون تي ٽي ايم سي پريٽ آباد ۾ ٿيل چونڊن واري ڏينهن جي تشدد جي ٻيهر جاچ ڪرڻ بدران اها دعويٰ ڪئي ته چونڊون پرامن طريقي سان ٿيون، 15 جون تي 28 چونڊيل لوڪل گورنمينٽ نمائندن چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ايس ايس پي اليڪشن ڪميشن آڏو بيان ڏنو ته امن امان جو ڪو به مسئلو نه هو، ووٽرن جي غيرحاضري سبب اليڪشن ملتوي ڪئي وئي. جڏهن ته ڪميشن مشاهدو ڪيو ته پولنگ عمل کي هجوم طرفان پريشان ڪيو ويو ۽ ووٽر ميمبرن کي پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وئي. اليڪشن ڪميشن ايس ايس پي حيدرآباد کي حڪم ڏنو ته واقعي جي هر رخ کان ٻيهر جاچ ڪري ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. پوليس کي فوري طور تي جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر آڏو پي ٽي آ مخالف اميدوار عدنان رشيد اليڪشن کي چئلينج ڪرڻ لا درخواست داخل ڪرائيندي چيو ته مون ۽ سهيل 14، 14 برابر ووٽ کنيا. ان کانپو آر او خالد بابر ٽاس ڪري فيصلو سهيل جيهجو جي حق ۾ ڏنو، جنهن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. عدنان جي وڪيل شاهزيب شاهه دليل ڏنو ته آر او سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013 تحت فيصلو ڪري ٽاس ڪيو آهي. جنهن ۾ 2019ع ۾ ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وئي. جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته اليڪشن ۾ چيئرمين لا ٻنهي اميدوارن جا ووٽ برابر ٿين ته ٻئي ڪامياب ٿي ويا، جنهن ۾ اهو طئي ڪرڻو آهي ته پهرين 2 سال ڪير مقرر ٿيندو. وري 2 سال لا ٻيو اميدوار مقرر ٿيندو. ان لا اهو ڪرڻ بدران هڪ طرفو ٽاس ڪيو ويو. آر او، ڊي آر او ۽ ڊسٽرڪٽ اليڪشن جي موجودگي ۾ ٽاس ڪرائي وڃي ته شروعاتي ٻن ورهين لا ڪير چيئرمين ٿيندو. ان ڏس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي فل بينچ هڪ هفتي اندر رپورٽ جمع ڪرائن جو حڪم ڏيندي ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏنو آهي‏.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button