سنڌ

راڄو خاناڻي ۾ ٻارڙي جو ريپ ۽ قتل ڪندڙ جوابدار مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو

راڄو خاناڻي ۾ 24 ڏينهن اڳ اٺن ورهين جي ٻارڙي کي جنسي زيادتي بعد قتل ڪرڻ واري لڱ ڪانڊاريندڙ واقعي جو مک جوابدار پوليس جي حراست دوران مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو آهي. خبر موجب راڄوخاناڻي ۾ 8 سالن جي معصوم ٻارڙي لڇمي ڪولهي کي زيادتي بعد بيدردي سان قتل ڪرڻ ۾ ملوث مک جوابدار ڪمليش پٽ ڌرمون ڪولهي جيڪو پوليس جي حراست ۾ هو پر پوليس سندس گرفتاري مڃڻ کان انڪاري هئي، جيڪو ماتلي لڳ ڦلڪارا وٽ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو آهي. بدين پوليس پاران جاري ڪيل پريس رليز ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل رات دير سان پوليس پوسٽ ڦلڪارا جي انچارج اصغر جٽ گشت دوران هڪ موٽر سائيڪل سوار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس مٿس فائرنگ شروع ڪري ڏني ۽ پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هٿياربند زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال آندو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيائين، جنهن جي سڃاڻپ ڪمليش پٽ ڌرمون ڪولهي طور ٿي آهي. پريس پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته ڪمليش ڪولهي ٻارڙي لڇمي ڪولهي سان زيادتي ۽ قتل جي ڪيس ۾ راڄوخاناڻي پوليس کي گهربل هو جنهن کي لڇمي ڪولهي قتل ڪيس ۾ ڊي اين اي ميچ ٿيڻ بعد پوليس ايف آ آر ۾ نامزد ڪيو هو، ماتلي ٿاڻي تي سرڪار پاران اي ايس آ اصغر جٽ جي فرياد تي پوليس مقابلي جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ڪمليش ڪولهي کان ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي وئي آهي. مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ٻارڙي سان ريپ ۽ قتل جي ڪيس ۾ پوليس جيڪي 6 شڪي جوابدار گرفتار ڪيا هئا انهن مان ڪمليش ڪولهي پهرين ڏينهن گرفتار ٿيو هو، جنهن پوليس آڏو قتل جو اعتراف پڻ ڪيو هو پر پوليس ٻين شڪي ماڻهن جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي هئي، گرفتار باقي 5 نوجوان اڃا تائين گم آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button