اسلام آبادپاڪستان

اليڪشن ڪميشن آئين مطابق مقرر مدي ۾ چونڊون ڪرائي:پاڪستان بار

اسلام آباد : پاڪستان بار ڪائونسل عام چونڊن جي التوا جي خبرن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين پاڪستان بار ڪائونسل هارون رشيد ۽ چيئرمين ايگزيڪيوٽو ڪميٽي حسن رضا پاشا مذمتي بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن آئين مطابق مقرر مدي ۾ چونڊون ڪرائي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي 90 ڏينهن جي آئيني حد کان وڌيڪ چونڊن ۾ دير جي فيصلي تي سخت ڳڻتي آهي. پڌرائي مطابق تڪبنديون ٻيهر ترتيب جو شيڊول اليڪشن ۾ دير جي هڪ ڪوشش آهي. آرٽيڪل 224 اليڪشن ڪميشن کي پابند ڪري ٿو ته هو عام چونڊون 90 ڏينهن اندر ڪرائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button